اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شه??از شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شه??از شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف جي آءِ ا??م ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ا??ران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شه??از شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شه??از شريف سان گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شه??از شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شه??از شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شه??از شريف جي گڏيل قومن جي جنرل ??يڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شه??از شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شه??از شريف گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.