اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عم??ان خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏين??ي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏندڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عم??ان خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران لانگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺندڙ فارن ايجنٽ ڪوڙو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عم??ان خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪندڙ فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگا?? ڪيو، 2 ڪر??ڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ کي ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير ف??وش فارن ايجنٽ اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪر??شن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آباد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عم??ان خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪر??.