اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ پراڻن ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير ولي عهد شهزاده محم?? بن سلمان کي ملڪ جو وزيراعظم نامزد ٿيڻ تي سعودي سفير کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن ۾ مفاهمت جي ياداشتن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ورڪنگ ڪئي ويندي. ملاقات ۾ ميڊيا ۽ فلم جي ??عبن ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي ??ل ۾ خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي قيادت جي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سرگرمين ۾ سعودي عرب جي ??فير جي ??هم ڪردار کي پڻ ساراهيو جنهن ذاتي طور تي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ملاقات ۾ فلم ۽ ڊرامي جي ??عبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ??هباز شريف جي ويزن موجب واپار ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته پاڪستانين جو وڏو انگ سعودي عرب جي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني ۽ ??ال?? نقصانن تي شديد ڏک ٿيو آهي. مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن امداد جاري رکندي.