اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ نيشنل فيٽف ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر چيو آهي ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته گذريل چار سال دوران اسان جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ اسان جي ??ڻٿڪ سياسي عزم ۽ ڪامياب آن سائيٽ وزٽ جي ??عتراف طور تي فيٽف پاڪستان جي 2018ع ۽ 2021ع جي ??يڪشن پلان جي ??نيادي، فني ۽ ضابطي جي ??مورين شرطن کي مڪمل ڪرڻ کي تسليم ڪري ورتو آهي. نتيجي ??ور فيٽف متفقه طور تي پاڪستان کي ”وڌيڪ نگراني جي ??ائره اختيار جي فهرست“ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪندي وائيٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي، فيٽف اڳ ۾ ئي ان فيصلي جو اعلان ڪندي هڪ باضابطا بيان جاري ڪري چڪو آهي. پوسٽ ايف اي ٽي ايف پلينري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته آئون فيٽف جي ??والي سان پاڪستان بابت قوم کي خوشخبري ڏيڻ چاهيان ٿي، مون پنهنجي ٽيم سان هتي فيٽف جي ??ءِ سي آر جي ۽ پلينري اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جيڪي اڄ ختم ٿي چڪا آهن. انهن اجلاسن دوران سيپٽمبر 2022ع جي پهرين هفتي ۾ ٿيندڙ پاڪستان جي ??يف اي ٽي يايف جي ??ن سائيت وزٽ جي ??پورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته فيٽف مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي ??اتمي جي (AML/CFT) نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ پاڪستان جي نمايان اڳڀرائي جي ??جيان ڪئي آهي. اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي ??اتمي جي نظام کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ڪل 34 ايڪشن آئٽمز تي ٻڌل پنهنجي ??يڪشن پلان جي ??رطن کي پورو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جون 2018ع ۽ جون 2021ع ۾ فيٽف جي نشاندهي ڪئي وئي سمورين اسٽريٽجڪ خامين کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان 2021ع جو ايڪشن پلان مقرر مدي کان اڳ مڪمل ڪري ورتو آهي. پاڪستان هاڻي فيٽف جي نگراني جي ??مل سان مشروط ناهي رهيو جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان کي فيٽف وائيٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. حنا رباني کر چيو ته عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي ??اتمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اي پي جي ??ان گڏ ڪم ڪندو رهندو. هن چيو ته اهو پوري جي ڪوششن ۽ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي معاونت جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي عالمي معيارن جي ??رابر آڻڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ??سان جي ??زم جو نتيجو آهي. سياسي ميدان ۾ مڪمل قومي اتفاق راءِ کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. هن چيو ته آئون ان اهم قومي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورن ادارن کي اسٽريٽجڪ رخ، اعتماد ۽ تعاون ف??اهم ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي پنهنجي قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿي. اڄ اسان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جڏهن اسان مقصد ۽ عزم جي ??حسان سان گڏجي ڪم ڪريون ٿا ته اسان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا. مملڪتي وزير چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي ??اتمي جي نظام جي ??مورن رخن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وسيع البنياد ۽ جامع قانوني، انتظامي ۽ طريقيڪار ۾ سڌارا آندا آهن. ان ۾ مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي ??اتمي بابت قانونن ۾ ترميم شامل آهي. اسان نظام ۾ هم آهنگي کي به وڌايو، طريقيڪار کي آسان ڪيو، ادارن جي وچ ۾ رابطي ڪاري کي بهتر بڻايو، عالمي تعاون کي وڌايو، نگران ڍانچو قائم ڪيو، ضروري انتظامي پروٽوڪول ٺاهيا ۽ فيٽف جي ??فارشن جي ??عميل کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪافي مالي ۽ انساني وسيلا مخصوص ڪيا ويا. هن چيو ته انهن سمورين ڪوششن ۽ محنت جي نتيجي ۾ پاڪستان هاڻي هڪ اهڙي پوزيشن ۾ آهي جتي اسان نه رڳو انهن سڌارن جي ??فتار کانسواءِ ڪنهن عالمي نگراني يا دٻاءُ کي برقرار رکي سگهون ٿا پر پنهنجي مهارت ۽ وسيلن کي ٻين ملڪن سان شيئر ڪري سگهون ٿا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته آئون ان موقعي مان ف??ئدو کڻندي خاص طور تي اسان جي قومي فيٽف ٽيم جي ??ڻٿڪ ۽ ڀرپور ڪوششن کي ساراهڻ چاهينديس جن فيٽف جي ??مورن هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گذريل چار سالن دوران زبردست ڪم ڪيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ٻنهي سطحن تي ڪيترن ئي کاتن ۽ ادارن ان قومي مقصد ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. اهي سڀ اسان جي ??عريف ۽ ٿورن جا مستحق آهن. هن چيو ته اسان سدائين چيو آهي ته فيٽف ۽ وسيع تر عالمي برادري سان اسان جي ??صيداري ۽ وابستگي اسان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي مالياتي نظام سان ان جي ??نضمام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??سان جي ??سٽريٽجڪ مقصد ۾ ڳنڍيل آهي. اسان عالمي برادري جي هڪ ذميوار ۽ فعال ميمبر طور نظر اچڻ چاهيون ٿا جيڪو پنهنجي ??المي ذميوارين کان چڱي ريت واقف آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي قومي مفاد ۽ پنهنجي ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي ??رورت آهي. حقيقت ۾ اسان کي هاڻي دنيا جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجڻ گهرجي. مون پنهنجي ٽيم کي اڳ ۾ ئي هدايت ڪئي آهي ته اها اهڙين طريقن جي ڳولا شروع ڪري جن سان اسان فيٽف ۽ وسيع تر عالمي برادري سان پنهنجي ??عاون ۽ حصيداري کي وڌائي سگهون ٿا. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي ??اتمي ۽ دهشتگردي جي مالي معاونت جي ??اتمي جي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ ۽ ان کي عالمي معيارن جي ??رابر آڻڻ ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. ڪيترن ئي شعبن ۾ هاڻي اسان وڌيڪ عالمي معيارن موجب آهيون. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اها ذڪر جوڳي اڳڀرائي ۽ فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ جو اعلان اسان جي معيشت کي تمام ضروري فروغ ڏيندو ۽ ٻاهرئين دنيا سان اسان جي ??قتصادي ۽ مالي مصروفيتن ۾ اضافو ڪندو. مملڪتي وزير چيو ته اقتصادي سفارتڪاري اسان جي وسيع تر ڌيان جو حصو آهي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ جي ??ي پناهه صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهون ۽ پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون. هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل ٻين قدمن سان گڏ پاڪستان جي وائيٽ لسٽنگ اقتصادي ترقي ۽ سرگرمين جي هڪ نئين دور جي ??روعات ??ندي. مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه تي زور ڏيڻ چاهيان ٿي ته پرڏيهي آفيس ۽ ٻيون سموريون لاڳاپيل ڌريون ان رفتار کي جاري رکنديون ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۽ فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ تي ٻيا اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ نئين جوش سان ڪم ڪندا.