اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ۽ سندس گهرواريءَ ??مينه عارف ??لوي مقتول صحافي ارشد شريف جي گهر ويا ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي ارشد شريف جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ارشد شريف جي خاندان جي ڀاتين سان افسوس جو اظهار ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آزاد صحافت جي لاءِ مرحوم ارشد شريف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، ارشد شريف تحقيق ۽ حقيقتن سان بنا ڪن??ن ڊپ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو هو. صدر مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين، پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.