اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ش??خ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينه?? جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀارت جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ش??خ جي اڳواڻن شيخ عبدالمتين، سيد يوسف نسيم، مشتاق احمد بٽ، زاهد اشرف، گلشن اقبال، مشتاق الاسلام، شهزاد واني، انجنيئر محمود مشتاق ۽ دائود يوسف زئي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، لاهور، مظفرآباد، ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ احتجاجي مظاهرن دوران چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ڀارتي فورسز کي ڏنل بي لغام اختيارن جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪري اتا?? جي مسلمان ??ڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ چاهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ش??خ جي اڳواڻن ڀارتي فوجي?? جي هٿان ڪشميري نوجوان?? جي عدالت کان مٿانهون قتل تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها والاريل علائقي مان ڀارتي فوجي?? جي انخلا، سمورن ڪارن قانونن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سمورن بيگناهه ڪشميري نظربند ٿيل?? جي آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.