استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي س??ڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ دستياب پرڪشش موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار، شمسي توانائي س??يت مختلف شعبن ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته ترڪيه سان ٽن سالن ?? گڏيل واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وز??راعظم اهڙن خيالن جو اظهار هتي پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، دفاعي پيداوار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ تي اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ واپار کي فروغ ملندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن، ماضي ۾ ترڪيه جي ڪجهه ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ مشڪلاتون رهيون، ترڪيه جي س??ڙپڪارن جي مسئلن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ترڪيه جي س??ڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. وز??راعظم گذريل ڏينهن ۾ ترڪيه ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان وانگر دهشتگردي جو نشانو بڻجندو رهيو آهي. هن استنبول دهشتگردي ۾ انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي کي هارائڻ جي لاءِ معاشري جي هر طبقي قربانيون ڏنيو?? آهن، دهشتگرد انسانيت جي درجي کان هيٺ ڪريل ماڻهو آهن. وز??راعظم شهباز شريف پاڪستان ۾ تازي افسوسناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته ان سان هڪ هزار 700 ماڻهو فوت ٿيا. هن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا بي پناهه امڪا?? آهن، واپاري ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ترڪيه سان ٽن سالن ۾ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وڌائينداسين. وز??راعظم چيو ته گهڻ رخي رابطن ۾ وڌيڪ اضافي ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا تمام گهڻا موقعا ۽ بي پناهه امڪان موجود آهن، اسان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان ترڪيءَ سان واپار ۾ اضافي جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيو?? آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ترڪيه ڪمپنين جي لاءِ ڪجهه مشڪلاتون رهيو?? آهن، ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ختم ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته مختلف شعبن خاص طور تي قابل تجديد توانائي، دفاعي پيداوار ۽ شمسي توانائي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي آجيان ڪنداسين، ان ڏس ۾ پاڪستان جي حڪومت ڀرپور تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ترڪيه ۾ دهشتگردي جي تازي ڪارروائي مذمت جوڳي آهي جنهن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي اسان کي انتهائي ڏک آهي. ان موقعي تي واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب ۽ پاڪستاني وفد ۾ شامل ٻيا عملدار پڻ موجود هئا.