اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي دورن جي ڪري گڏيل لاڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي و??ير چيو ته ما??ي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه دهشتگردي تي ??ين??ي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. هن چيو ته ما??ي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهون ٿا. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي ڳاله?? ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳاله?? ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي جنهن سان ممڪن نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.