اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير??عظ?? شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو ويو آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن ج?? فيصلو ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ??ين??و. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ??ين??و. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن ج?? خلاف ڪريڪ ڊائون ج?? به فيصلو ڪيو ويو، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پلان ج?? حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائي بچت پلان ج?? مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ج?? درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب رپين کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پلان ج?? نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن ج?? مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن ج??هن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان ج?? بقا??َ جو مسئلو آهي.