صحبت پور – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحبت پور ۾ سمارٽ اسڪول جو افتتاح ڪيو، اهو سمارٽ اسڪول ٻوڏ کان تباهي جي شڪار علائقي ۾ 2 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ تعمير ڪيو ويو. صحبت پور جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم ان اسڪول جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي اسڪول ۾ آءِ جون جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون آه??. اسڪول ۾ اليڪٽرانڪ سمارٽ بورڊ (بليڪ بورڊ) مهيا ڪيا ويا آه??. وزيراعظم سمارٽ اسڪول کي بلوچستان ۾ پهرين دانش اسڪول ۾ تبديل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم اسڪول جي ٻارن سان گهلي ملي ويو. وزيراعظم شاگردن سان گڏ انهن جي ڪلاس رومز ۾ و??هي رهيو. وزيراعظم ٻارن سان گڏ راند ۾ پڻ حصو ورتو. شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته تعليم ۽ تربيت ۽ هنرمندي سان ئي غربت ۽ جهالت ج?? مقابلو ممڪن آه??، توهان جي تعليم ئي اهو هٿيار آه?? جنهن سان اسان پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهون ٿا، توهان جي تعليم سان ئي انقلاب اي??دو. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي توهان جي ترقي آه??، توهان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آه??.