اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز م??افعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي وقت سر په?? جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدم?? جي ڪري اٽي جي 40 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپي?? جي گهٽتائي ٿي جيڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوز?? جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز م??افعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جو هنگامي اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو ورتو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي ويو آهي جڏهن ته جنوري جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ايترو ئي اسٽاڪ پهچي ويندو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيز?? جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جا ڪيري فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. وزيراعظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي په?? جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اج??اس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.