اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀارت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ ج?? دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀا??ت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آه??. س??ي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن. ڀا??ت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ ج?? پنهنجي ئي واعدي کان ڦري رهيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀا??ت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي. ڀارت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آهي. ڀارت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن تي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ ج?? لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آهي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀا??ت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.