اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) ملڪ جي اولهندي ۽ مٿئين علائقن ۾ ڇنڇر کان ??ومر تائين جبلن تي برفباري سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو، اولهندي هوائن جي اثر هيٺ علائقن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ اضافو متوقع آهي جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي، اڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان ??چڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. موسميات کاتي موجب اولهندي هوائن جو ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي اولهندي حصن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان ??هي جيڪو آچر تي مٿئين علائقن ک?? پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندو ۽ اها صورتحال سومر (ٻنپهرن) تائين برقرار رهي سگهي ٿي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ مريءَ، گليات، ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، پونچ، بٽيان، باغ، حويلي، سدهنوتي، ڪوٽلي، ڀمڀر، ميرپور)، گلگت بلتستان (ديامير)، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، گلگت، گهانچي، شڪر، چترال، دير، سوات، مانسهره، هري پور، ڪوهستان، ايبٽ آباد 28 (شام/ رات) کان 30 جنوري تائين جڏهن ته اسلام آباد، پوٺوهار ريجن، گوجرانوالا، گجرات ۾، حافظ آباد، مندي بهاءُ الدين، سيالڪوت، نارووال، لاهور، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، قصور، شي??وپ??ره، ننڪانه صاحب، خوشاب، ميانوالي، سرگوڌا، ڪرڪ، پشاور، چارسده، نوشهره، صوابي، بونير، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ 29 ۽ 30 جنوري تائين ڪٿي ڪٿي ڳڙي خان ??رسات ۽ پهاڙن تي برفباري، / طوفان / گجگوڙ سان ??رسات جو امڪان ??هي. ڪوئيٽا، زوب، بارکان، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، پنجگور، تربت، خضدار، قلات ۽ مڪران ??ي سامونڊي علائقن ۾ 28 ۽ 29 جنوري (شام/ رات) تي هلڪي کان وچولي برسات جڏهن ته پهاڙن تي برفباري جو امڪان ??هي. ان ??وران ??کر، ليه، ملتان، ڊيره غازي خان، سکر، بهاولپور، ساهيوال، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ به هلڪي برسات جو امڪان ??هي. مري، گليات، ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويليان ۾ وچولي درجي جي شديد برفباري سان 28 تاريخ کان ??ستا بند ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان ??وران مٿئين خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي سگهي ٿي. سياحن ۽ مسافرن کي ان ??رصي دوران وڌيڪ محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. اها برسات خاص طور ت?? پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي باراني علائقن ۾ بيٺل فصلن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. موسميات کاتي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان ??چڻ لاءِ ”الرٽ“ رهن.