اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد جي عورت شهري جي گهر جو ??بض?? ڇڏرائڻ جي حوالي سان هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکندي متاثر عورت کي گهر جي مل??يت ??اپ?? ڏيارڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر عورتن جي ملڪيتي حقن جي لاڳو ايڪٽ تحت مقامي ڪمشنر جي ذريعي متاثر عورت شهري جي قيمتي مل??يت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان حوالي سان پنهنجي فيصلي ۾ صدر هدايت ڪئي آهي ته مل??يت تي غيرقانوني ??بض?? ختم ڪرايو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت پوي ته تالا ٽوڙيا وڃن. هن چيو ته مل??يت ??اپ?? وٺڻ جي راهه ۾ ايندڙ ٻين رڪاوٽن کي ختم ڪري حقدار کي مل??يت ??اپ?? ڏياري وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عاليه فضل (شڪايت ڪندڙ) کي مل??يت جي حق کي بحال ڪرڻ يا ان جو ??بض?? ڏيڻ جي لاءِ هڪ مقامي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ مقامي ڪمشنرضرورت پوڻ تي پوليس جي مدد وٺي سگهي ٿو. مقامي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گهرجي ته هو مقامي ڪمشنر کي مڪمل مدد فراهم ڪري ۽ مقامي پوليس لاڳاپيل وقت تي ڪمشنر سان گڏ موجود رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار جي بي بنياد موقف کي رد ڪندي قرار ڏنو ته جوابدار تڪراري گهر جي مل??يت پنهنجي حق ۾ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به پيش نه ڪيو، اهڙي طرح محتسب جي حڪمن جي خلاف نمائندگي آڻڻ جو ڪو جواز نه آهي. واضح رهي ته عورت شهري عاليه فضل جي والد بحريه ٽائون اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر جا معاملا هلائڻ جي لاءِ کيس اٽارني مقرر ڪيو هو، گهر 2007ع کان 2016ع تائين مختلف ماڻهن کي ڪرائي تي ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ خالي پيل رهيو. شڪايت ڪندڙ جي ڀاءُ 2020ع ۾ گهر جو دورو ڪيو ته خبر پئي ته ڪجهه نامعلوم ماڻهن غيرقانوني طور تي گهر تي ??بض?? ڪري ورتو آهي. ??بض?? جو اط??اع بحريه ٽائون ۽ مقامي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس جوابدار کي طلب ڪيو جنهن گهر خالي ڪرڻ جي ضمانت ڏني. جوابدار عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته گهر 2008ع ۾ هڪ معاهدي جي بنياد تي خريد ڪيو ويو هو ۽ هڪ جعلي معاهدو پڻ پيش ڪيو. شڪايت ڪندڙ گهر تي ??بض?? ڇڏرائڻ جي لاءِ هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب سان رابطو ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ جوابدار صدر کي محتسب جي حڪمن جي خلاف درخواست ڏني جنهن کي بي بنياد هجڻ تي رد ڪيو ??يو.