اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم قومي چئلينجز تي ??مو??ن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهارڻ جو وڏو فيصلو ڪندي 7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي جنهن ۾ عمران خان سميت پوري سياسي قيادت کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جيڪا ملڪي سياسي منظرنامي ۾ وڏي سياسي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي ڪل جماعتي ڪانفرنس (اي پي سي) گهرائي آهي، اي پي سي اسلام آباد ۾ ٿيندي. ??مو??ن سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطا دعوت ڏني وئي آهي. وزيراعظم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پڻ اي پي سي ۾ گهرائي ورتو. وفاقي وزير سردار اياز صادق قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر ?? دفاع واري اڳوڻي وزير ??رويز خٽڪ سان رابطو ڪيو. اياز صادق اسد قيصر ?? پرويز خٽڪ کي وزيراعظم پاران عمران خان کي اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت پهچائي. جڏهن ته وزيراعظم سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف ايپيڪس ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قيصر ?? پرويز خٽڪ کي پهچايو. سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي پاٽي جي نامزد نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪرڻ جي درخواست ڪئي. گورنر هائوس ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ??مو??يون ڌريون، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي تي غور ٿيندو. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن غور ٿيندو.