اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ تربيت هيٺ انفارميشن ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ آفيسرن جي هڪ وفد ڊائريڪٽوريٽ اف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) اسلام آباد جو دورو ڪيو. وفد جو استقبال ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود خان ڪيو. بعد ۾ وفد کي ڊي اي ايم پي جي معاملن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وفد ڊائريڪٽوريٽ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. وفد کي ٻڌايو ويو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو ايگزيڪيوٽو ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ آهي، ان جي معاملن ۾ پبليڪيشن??، فلمون، دستاويزي ??لمون، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ ۽ نمائشون منعقد ڪرڻ شامل آهي. اطلاعات واري وزارت جو هي کاتو ورڇ کان اڳ به موجود هو ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جي شروعاتي دور ۾ ٽيليويزن جي غيرموجودگي ۾ فلم ريل تي سرڪاري تقريبن جي تصويرڪشي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پبليڪيشنز سيڪشن ڪتب، ميگزينز ۽ بروشرز وغيره جي باقاعدگي سان ڇپائي ڪري ٿو، ان جي باقاعده اشاعتن ۾ ”ماهه نو“ ۽ ”پاڪستان پڪٽوريل“ جهڙا رسالا پڻ شامل آهن. تازن ڏينهن ۾ ان کاتي قائداعظم ۽ پاڪستان جي ثقافتي ورثي تي ٻه ڪافي ٽيبل بڪس شايع ڪيا. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميديا هن وقت پاڪستان جي 75 سالن تي هڪ ڪافي ٽيبل بڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن کاتي جو فلمز سيڪشن باقاعدگي سان دستاويزي ??لمون ۽ نغما تيار ڪري ٿو ته جيئن عوام ۾ قومي ساک ۽ بيداري کي فروغ ڏئي سگهجي. تازو ئي تيار ڪيل دستاويزي ??لمن ۾ ”پاڪستان اينڊ فيفا ورلڊ ڪپ“، ”گرڌواره ڪرتارپور صاحب تي دستاويزي ??لم“، ”ميڊيا بليڪ آئوٽ ان ڪشمير“ شامل آهن. هن ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ ”ميرا پيارا پاڪستان“ ۽ ”جيوي پاڪستان“ گانا پڻ تيار ڪيا جن کي بعد ۾ ساحر علي بگا پڻ ڳايو جن کي خوب ساراهيو ويو. فلم سيڪشن گذريل ٻن سالن دوران آءِ ايس پي آر جي تعاون سان ”نيشنل اميچور فلم فيسٽيول“ جو پڻ انعقاد ڪيو. کاتي جو مانيٽرنگ سيڪشن 24 ڪلاڪ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي ته جيئن ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي يا تجزيي کان حڪومت کي اپ ڊيٽ رکي سگهجي. مانيٽرنگ سيڪشن 24 ڪلاڪ رپورٽس ۽ پيغامن کي تيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ايوان صدر، وزيراعظم آفيس، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ سميت مختلف وزيرن ۽ آفيسرن سان شيئر ڪيو وڃي ٿو. ڄاڻايل ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ اهم ايونٽس، موقعن ۽ حڪومتي تقريبن جي ڪوريج جون رپورٽون پڻ تيار ڪري ٿو. ان کانسواءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز باقاعدگي سان نمائشون منعقد ڪري ٿو جتي هي ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ آزادي جي ڏهاڙي، قائداعظم جي ڏهاڙي ۽ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جهڙن موقعن تي پبليڪيشنز، دستاويزي ??لمن ۽ تصويرن جي نمائش جي ذريعي شاگردن، تعليمي ادارن ۽ عام عوام تائين پهچ حاصل ڪري ٿو. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز سوشل ميڊيا سان گڏوگڏ فيس بڪ، يوٽيوب ۽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هينڊلز ۽ پيجز جي ذريعي پنهنجي موجودگي کي وڌايو آهي. ان کانسواءِ ان جي پنهنجي ويب سائيٽ پڻ موجود آهي. گلگت بلتستان انفارميشن ڊپ?ستان/136150.html">?رٽ??ينٽ سان تعلق رکندڙ آفيسرن ڊيمپ جي سمورين آفيسن جو دورو ڪيو ۽ ڊائريڪٽوريٽ جي آفيسرن ۽ عملي جي ڪم جي انداز ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. آفيسرن ڊي اي ايم پي جي مانيٽرنگ سيٽ اپ کي گلگت بلتستان ۾ پڻ شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. دورو ڪندڙ آفيسرن ڊي اي ايم پي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت جي وچ ۾ دستاويزي ??لمن جي تياري ۽ نمائشون منعقد ڪرڻ ۾ تعاون جي امڪانن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري جي پڄاڻي تي دورو ڪندڙ آفيسرن کي سووينيئرز پڻ ڏنا ويا.