دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم سومر ڏينهن ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم مح??د شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف تجويزن تي اڳڀرائي بابت خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍا??چي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.