اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪ??ا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي و??ي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪ??ا ويا. زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، آزاد ڪشمير، ڪ?? پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ محسوس ڪ??ا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلا?? ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي و??ير عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ۽ اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي و??ير اين ڊي ايم اي سان به رابطي ۾ آهي.