اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان جي ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، ??ريس ريليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائٽمي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واضح ڪيو ??ه پاڪستان جو ائٽمي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اه?? مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. ه?? چيو ته هي پروگرام ان مقصد کي هر طرح سان پورو ڪري ٿو جنهن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.