اسلام آباد – 17 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سموري قيادت کي گڏجي ويهڻو پوندو، معاشي معاملا بهتري بدران خراب ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، مخالف ڌر کي هڪ دفعو ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته هو هن ملڪ جي عوام جي بهتري لاءِ ا??ان سا?? گڏجي ويهي. سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي آخري ڏينهن خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير چيو ته هن ايوان ۾ زندگي جي هر شعبي ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان گولڊن جوبلي تقريبن دوران خيالن جي اظهار ??ان آئندي جون راهون مقرر ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ٿينديون، ه?? شاندار تقريب منعقد ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين، سندس ٽيم، سينيٽ سي??ري??ري، پروٽوڪول سيڪشن، ميڊيا سميت سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ??ري??ن ٿا، ه?? چيو ته هتي جيترا به ماڻهو شريڪ ٿيا انهن جي ڳالهه جو محور پاڪستان جي معاشي صورتحال رهي، سينيٽ ۽ وفاق پاڪستان جي علامت آهي، ملڪ هن وقت جنهن ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ جيڪو سياسي گرمي پد آهي ان تي به هتي ڳالهه ٿيڻ گهربي هئي، ه?? چيو ته ا??ان هن فورم تان هڪ دفعو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ??ري??ن ٿا ته رياست پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۽ پاڪستان جي عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ اڄ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ويهي ملڪ جي سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ا??ان جي اها بدقسمتي آهي ته هتي معاملا بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿيا، ه?? چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال، ڪرنسي، معاشي اوسر ۾ ا??ان لاهن چاڙهن جو شڪار ئي رهيا آهيون، ان جو هڪ وڏو سبب شايد سياسي عدم استحڪام آهي ۽ سياسي عدم استحڪام جو هڪ وڏو سبب غير آئيني مداخلت رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ ٻن موقعن تي آئين معطل ۽ آمراڻو راڄ لاڳو رهيو جنهن جو وقت ڪڏهن 10 سال ۽ ڪڏهن 8 سال رهيو، ه?? چيو ته ا??ان کي انهن سببن جو به جائزو وٺڻو پوندو ته اهي مارشل لا ڇو لاڳو ٿيا. هن سوال ڪيو ته ڇا ا??ان کي ماضي مان سبق سکڻ گهرجي؟ هن چيو ته ا??ان کي پنهنجي روين ۾ سنجيدگي آڻڻ جي ضرورت آهي، هڪٻئي جي ڳچي پڪڙڻ ??ان هي ادارو ۽ رياست ٻئي ڪمزور ٿيندا. ا??ان کي سنجيده سياستدانن طور بردباري، تحمل، برداشت ??ان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته هن اهم موقعي تي مخالف ڌر انهن تقريبن ۾ شرڪت نه ڪئي، ا??ان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪئي پر اهو سندن پنهنجو فيصلو هو جيڪڏهن هو ا??ان جي وچ ۾ هجن ها ته خوشي جي ڳالهه هجي ها ۽ ان ??ان عوام تائين سٺو پيغام وڃي ها ته پاڪستان جا سياستدان آئين جي گولڊن جوبلي تي گڏجي ويٺل آهن. ڪميٽي آف دي هول جو حصو بڻجن ها ته ان ??ان سٺو پيغام وڃي ها، ه?? چيو ته سياست تفريح جو نالو ناهي سياست پنهنجي نظريي تي ڄمي بيهڻ جو نالو آهي، جڏهن ته ٻانهون مٿي کنجي ڄمي بيهڻ درست عمل ناهي، معاملا منطق ۽ دليل ??ان اڳتي وڌندا آهن، هڪٻئي کي قائل ??ري?? ۽ وطن عزيز ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ??ري??، اها ئي قيادت ۽ اها ئي ذميواري ۽ اهو ئي حلف ۽ فرض آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ايوان ۾ مخالف ڌر کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته هن ملڪ لاءِ گڏجي ويهون، چڱايون ميڙيون، براين جو خاتمو ??ري??ن ته جيئن ايندڙ 50 سال خوشحالي ۽ ترقي جا ٿين.