اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿ??ندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عملي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدرد?? جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? چيو ته خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿ??ندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.