ڪراچي – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پارٽي جي چڪوال جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ملڪ جبار احمد چله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس ج?? اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران ج??ري بيان موجب بلاول ڀٽو زرد??ري تعزيتي پيغام ۾ ملڪ جبار احمد چله جي سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدر??ي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جبار احمد چله جون پارٽي جي لاءِ خدمتون ڪڏهن به وس??ري نٿيُون سگهجن. هن مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.