راولپنڊي – 25 مئي (اي پي پي) پا?? فوج جي سربراهه ??نرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ??اڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي، شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري اوهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي. هو يوم تڪريم شهدا پا??ستان جي موقعي تي اسڪول جي ٻارڙن سان غير رسمي ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. يوم تڪريم شهدا پا??ستان جي موقعي تي آرمي چيف اسڪولي ٻارڙن جن ۾ شهيدن جا ٻار به شامل هئا، سان ملاقات ڪئي. اسڪول ۽ شهيدن جي ٻارن جي تي شفقت ڀريو هٿ رکندي آرمي چيف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??اڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارڙن جي وارث آهي. آرمي چيف ٻارڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين جي ڪري اوهان سان اسان جو رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهندڙ آهي، پا?? فوج هميشه اوهان سان گڏ بيٺل رهندي.