ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته بلوچستان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته بلوچستان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمين ج?? منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين ج?? منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان ج?? گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سي??ريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي پڻ موجود ??ئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذ??تي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بلوچستان ۾ موجود آهي ۽ قائداعظم جي بلوچستان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن ج?? مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن ج?? رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته بلوچستان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، موجوده ۽ اڳوڻي حڪومتن بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ج??ڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر عارف علوي چ??و ته بلوچستان ۽ پاڪستان ج?? نئين سر تعمير توهان نوجوانن ج?? هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذ??يعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو واضح آهي ته ڪا به طاقت بلوچستان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چ??و ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بلوچستان ج?? راندين ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سي??ريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي، سي??ريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، بلوچستان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.