اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشا??رت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني ??فد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پ??لش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي اندر سيڪريٽري ووبچ گيرويل ڪئي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي سفير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چرپر، اعليٰ تعليم ۽ ويزا نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون جي حوصلا افزائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب ڌرين گڏيل دلچسپي جي علائقائي ?? عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ?? گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگي ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. مشا??رت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿيندو.