اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائوسنگ اينڊ ورڪ?? ڊويزن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 40680 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب هائوسنگ اينڊ ورڪ?? ڊويزن جي جاري منصوبن جي لاءِ 13858.266 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي جڏهن ته نئين منصوبن جي لاءِ 26821.734 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران مليل دستاويز موجب نئين مالي سال ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪ?? ڊويزن جي نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي منظور ٿيل ڪاٿي ??اري لاڳت 37605.593 ملين رپيا آهي جڏهن ته جاري منصوبن جي مجموعي منظور ٿيل ڪاٿي ??اري لاڳت 81556.749 ملين رپيا آهي.