اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪ??ري شعبي جي ترقياتي ??روگرام (پي ايس ڊي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جا??ي، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن ??مي?? سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا رکيا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن ج??ري پي ايس ڊي پي جي دستاويز موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 ج??ري منصوبن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا رکيا ويا آهن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منصوبن جي لاءِ 10000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح 51 نئين منصوبن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا رکيا ويا آهن. دستاويز موجب ج??ري منصوبن ۾ ڪاريڪ لنگهه ترقياتي ??روگرام سيڙڪ??ري (ايشيائي ترقياتي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪلوميٽر منصوبن، پشاور – دره آدم خيل (36 ڪلوميٽر)، شڪارپور – رتوديرو (44 ڪلوميٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. شڪارپور – راجن پور اين 55 ڪاريڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعمير جي منصوبي لاءِ 3500 ملين رپيا رکيا ويا آهن. حيدرآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪلوميٽر جا منصوبا شامل آهن.