اسلام آباد_01 جولاءِ(اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير تميم بن خليفه آل ثاني سان ٽيليفون ت?? رابطو ڪيو ۽ عيدلاضحٰي جون مبارڪون ڏنيون، وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ جي جاري ڪيل بيان موجب امير قطر پڻ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ جوابي خير سگالي وارن جذبن جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفا لڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اهميت ??ارن معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ ص??اح مشوري وارا رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو، امير قطر ٽيليفون ڪر?? ۽ ??يد جو مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو شڪريو ادا ڪيو.