اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضلعي شانگلا ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ??ي لينڊ ????ائ??ڊنگ جي واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته شانگلا ۾ معصوم جانين جي زيان جي واقعي جي خبر دل کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. مرتونگ جي المناڪ سانحي ۾ پنهنجي ٻارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار ۽ ريسڪيو ٽيمون ملبي ۾ ڦاٿل معصوم جانين کي بچائڻ جي لاءِ سمورا وسيل?? استعمال ۾ آڻي رهيون آهن، اميد آهي ته لينڊ ????ائ??ڊنگ جي ملبي مان نڪتل زخمي ٻارن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو ويندو. هن پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ريسڪيو ٽيمن سان تعاون ڪن، م??اث?? خاندانن جو ڏک ونڊين.