اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافي اعظم چوڌري جي حوالي سان ”فرائيڊي ٽائيمز“ ۾ شايع ٿيندڙ خبر کي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي، هي پي ٽي وي جي مسئلن تي ٻڌل تجزيه ڪارن جي پول جو رڳو هڪ ميمبر آهي، ان کي ان پول تان هٽايو ناهي ويو ۽ نه ئي ان کي ڇڏڻ جي لاءِ چيو ويو آهي، ان سان اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه ٿي. اطلاعات وار?? وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته حڪومت ان صحافي جي خيالن ۽ راءِ کان آگاهه هجڻ جي باوجود ان کي پ??يس ڪانفرنس ۾ گهرايو، ??يڪڏهن حڪومت ان جو آواز يا سوال کي دٻائڻ چاهي ها ته ان کي گهرايو نه وڃي ها ۽ ان ??ي سوال پڇڻ جو موقعو نه ڏ??و وڃي ها. هن چيو ته وزيراعظم ان صحافي جي سوال جو تفصيل سان جواب ڏنو. مون به ان جي سوال جو جواب ڏنو. وزيراعظم اُن ڏينهن گورنر هائوس لاهور جي ڪمري ۾ مختلف رپورٽرز جي سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪافي وقت گذاريو. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته گذريل پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ان جي فاشسٽ وزيراعظم جنهن کي رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) ”پ??يس فريڊم پريڊيٽر“ قرار ڏنو هو، ??ي ابتڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي.