ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپا??ٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ به آئين جي پاسداري آهي، نفرت ۽ ورڇ جي سياست جو خاتمو ۽ اقليتن سميت سمورن پٺتي پيل طبقن کي سماجي انصاف رڳو پيپلزپا??ٽي ڏياري سگهي ٿي، پ??ڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تاريخي ??قرير ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته نئين رياست ۾ سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ۽ مذهبي آزادي حاصل هوندي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پيپلزپا??ٽي اقليتن جي حقن ۽ مفادن جي تحفظ جي حوالي سان سدائين عادلاڻو قابل عمل موقف اختيار ڪيو، 1973ع جو آئين پيپلزپا??ٽي جي موقف جو هڪ واضح مثال آهي، جيڪو سمورن اقليتن کي هڪ جهڙن حقن جي ضمانت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور جي دوران اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا. بينظير ڀٽو اقليتن جي لاءِ جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن ۾ اقليتي معاملن واري وزارت قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 11 آگسٽ تي اقليتن جي قومي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپا??ٽي پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏياري ?? سينيٽ ۾ به پنهنجي غيرمسلمان ڪارڪنن کي ڀرپور نمائندگي ڏني ۽ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪابينا ۾ به اقليتي برادري کي سڀ کان وڌيڪ نمائندگي ڏني. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غيرمسلمان شهرين جي حقن ۽ ڀلائي جي لاءِ حوالي سان به پيپلزپا??ٽي جيڪا قانونسازي ۽ عملي قدم کنيا آهن، ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي. آئون ملڪ جي سمورن اقليتن کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار تي سلام پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پيپلزپا??ٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت ۽ وسيع قومي اتفاق ۽ اتحاد جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.