اسلام آباد -01 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي مٿئين ايوان سينيٽ فلسطين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اس??ائيل جي جارحيت ۽ بربريت خلاف مذمتي ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني آهي. سينيٽ اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر اس??اق ڊار ٺهراءَ پيش ڪيو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي، ته سينيٽ آف پاڪستان غزه ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي جي معاملي تي پنهنجي هنگامي اجلاس م انسانيت خلاف اس??ائيلي ڏوهن ۽ رياستي ده??تگردي جي سخت مذمت ڪري ٿي. دنيا جي سڀ کان وڏي کليل جيل غزه جي والاريل پٽي ۾ ترسيل فلسطين جي معصوم ٻارن، عورتن ۽ مردن خلاف رياستي ده??تگردي جاري آهي. پاڪستان جو هي ايوان اعلان ڪري ٿو ته ٻي عالمي جنگ جي هولوڪاسٽ بعد ڪو به ملڪ ان قسم جي بربريت ۽ اهڙي وڏي پيماني تي قتل عام ۽ جنگي ڏ??هه جو مرتڪب ناهي ٿيو. ٺهراءَ ۾ مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ انهن جي مڪمل حمايت ۽ اس??ائيل جي حمايت ڪندڙن جي ٻٽي معيار ۽ منافقت جي مذمت ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو غزه ۾ فوري جنگ بندي جي مخالفت ڪندي ڏ??هه ۾ شريڪ آهن. هي ٺهراءُ پاڪستاني عوام جي جذبن ۽ فلسطيني مسئلي تي فلسطين جي عوام جي پاڪستان طرفان مسلسل حمايت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. ٺهراءَ م چيو ويو آهي ته هي ايوان غزه ۾ فوري جنگبندي، اس??ائيل پاران ناڪابندي جي خاتمي ۽ غزه جي ??هر??ن کي دوائن،خوراڪ، پاڻي ۽ ٻين ضرورتن جي فراهمي لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي غزه تائين رسائي جو مطالبو ڪري ٿو. هي ايوان مسلمان امت جي مقدس ماڳن جي بي حرمتي لاءِ ڪيل سموريون اس??ائيلي ڪارروائيون بند ڪرڻ، ۽ اس??ائيل جي جارحيت ۽ قبضي کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪري ٿو. ايوا?? ٺهراءَ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي.