راولپنڊي-26 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو ته دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي وڌيڪ ذميداري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ا??ان جو عوام، خاص طور تي نوجوان نسل پاڪستان جي رياستي ادارن خلاف جاري پروپيگنڊا جي باري ۾ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪن ۽ ان جو مقابلو ڪن، هر هڪ پاڪستاني جي حفاظت ۽ سلامتي انتهائي اهميت جي حامل آهي جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف 25هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو، جن جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ان ??ان ملاقات ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي بين الاقوامي، علائقائي سيڪيورٽي ۽ قومي سلامتي جي صورتحال ??ي بريفنگ ڏني وئي. نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، نشانِ امتياز (ملٽري) ??ان به ملاقات ڪئي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ۽ـ انٽيليجنس ادارا دشمن قوتن جي مسلسل ڪوششن باوجود دهشتگرديءَ جي لعنت جو بهادريءَ ??ان مقابلو ڪري رهيا آهن. پاڪستاني عوام جي مسلسل تعاون ??ان انشاءَ الله ڪاميابي ا??ان جو مقدر هوندي. شرڪت ڪندڙن کي غير قا??ون?? سرگرمين کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ اسمگلنگ، بجلي چوري، منشيات جي پکيڙ، بارڊر ڪنٽرول جي قدمن ۽ـ پاڪستان مان غير قا??ون?? پرڏيهين جي وطن واپسي شامل آهي. غير قا??ون?? پرڏيهين جي وطن واپسي ۽ ملڪ بدريءَ جي موضوع تي آرمي چيف ڳالهائيندي چيو ته هرهڪ پاڪستانيءَ جي وفد ۽ـ سلامتي انتهائي اهميت جي حامل آهي، جنهن تي ڪنهن به قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. آرمي چيف معيشت جي بهتريءَ لاءِ کنيل ڪيترن ئي فعال قدمن جنهن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهول?? ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نتيجي ۾ معيشت تي مثبت اثرن کي به اجاگر ڪيو. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي عوام جي بهتريءَ لاءِ رياست جي ٻين ادارن ??ان ملي مختلف شعبن ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي پوري طرح مصروف عمل آهي. ا??ان هڪ مضبوط قوم آهيون جنهن امن ۽ استحڪام جي حاصلات لاءِ ڪيترن ئي آزمائشن کي برداشت ڪيو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي سالياني نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ مختلف مڪتب فڪر جا نمائندا شريڪ هوندا آهن. 25هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ پارليامينٽرينز، سول ۽ هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت 98 ڄڻا شرڪت ڪري رهيا آهن.