اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين هميشه ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ملڪ جي ترقيء?? ۾ ??رڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وطن جي نمائندگي بنائڻ پ پ جو اصولي مؤقف آهي. اهڙو اظهار هن لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسلر افض?? ڪياني جي اڳواڻيء?? ۾ ??رڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف سڄي دنيا ۾ پاڪستان ج?? بهتر سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ج?? بهتر سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ جي اهم ذميداري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت ک?? بهترين سهارو ڏئي رهيا آهن. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ جي سماجي، اقتصادي شعبي سميت هر شعبي ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏني. ??سپ??ڪر چيو ته پاڪستاني عوام هميشه مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش چئلينجز کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ??سپ??ڪر چيو ته پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ملڪي ميڊيا کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪندي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. لنڊن جي علائقي هونسلو جي ميئر ڪونسل افض?? ڪياني جي اڳواڻيء?? ۾ ??رڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفد قومي اسيمبليءَ جي ??سپ??ڪر راجا پرويز اشرف پاران شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن پرڏيهه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنرز سان ويجهن رابطن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. وفد جي ميمبرن خاص طور تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پرڏيهه ۾ ثقافت جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻي ميئر هونسلو سمعيه چوڌري، ڪونسلر رياض گل، ڪونسلر ودود مشتاق ۽ چوڌري منظور شامل هئا.