اس??ام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽرڪ ٽ?? کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. سينيٽ جي ??جل??س ۾ سينيٽر ثانيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل ڏاهپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آهن، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پنجاب ۾ 39 لک 24 هزار 367 ميٽرڪ ٽ??، سنڌ ۾ 8 لک 17 هزار 394 ميٽرڪ ٽ??، خيبرپختونخواهه ۾ 2 لک 15 هزار 82 ميٽرڪ ٽ??، بلوچستان ۾ 89 هزار 354 ميٽرڪ ٽ??، پاسڪو وٽ 17 لک 18 هزار 177 ميٽرڪ ٽ?? موجود آهي، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 هزار 374 ميٽرڪ ٽ?? آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پنجاب ۾ 3 لک 37 هزار 270 ميٽرڪ ٽ??، سنڌ وٽ 93 هزار 165 ميٽرڪ ٽ??، خيبرپختونخواهه وٽ 14 هزار 918 ميٽرڪ ٽ??، بلوچستان وٽ 4 هزار 167 ميٽرڪ ٽ?? جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 هزار 510 ميٽرڪ ٽ?? بڻجي ٿو. هن چيو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 هزار 845 ميٽرڪ ٽ?? آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. صوبن ۾ امدادي قيمت مختلف آهي. پنجاب ۾ اها 4 هزار 600 ۽ سنڌ ۾ 4 هزار 700 رپيا في مڻ آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ثانيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.