اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي ??اء?? معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي، ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن تي ٻڌل بين الصوبائي ڪميٽي جوڙي وڃي، جابلو نالن مان اي??دڙ ??اڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??اء?? چيڪ ڊيمز ٺاهيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان جي معاملن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، بلوچستان جي تعليم واري نگران وزير ڊ??ڪٽر قادر بلوچ، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر بلوچستان جي نگران حڪومت جي نمائندگي ڪئي. نگران وفاقي حڪومت پاران منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته بلوچستان جي سمورن پاڻي منصوبن ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ۽ ڪلائميٽ فنانس کي نظر ۾ رکيو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي ??اء?? معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته خضدار ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير سان ملڪ جي مختلف علائقن کي متبادل لنگهه ملندو ۽ رابطو آسان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم بلوچستان جي سرڪاري يونيورسٽين جا مالي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان بين الصوبائي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ان ڪميٽي ۾ منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن کي شامل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي ڪڇي ڪينال جي بحالي ۽ توسيع جي حوالي سان تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندي. نگران وزيراعظم جابلو نالن مان اي??دڙ ??اڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??اء?? چيڪ ڊيمز ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي ته جيئن ڪڇي ڪينال ۽ پيٽ فيڊر کي جابلو نالن جي ٻوڏ واري پاڻي کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام جي ??اء?? ٽرالرز تي ٽريڪر سسٽم هڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم نيشنل هاءِ ويز اي??ڊ موٽرويز پوليس کي نادرا جي حصيداري سان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس جي حوالي سان ٺوس نظام آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي چيف سيڪريٽري بلوچستان پاران صوبي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي ??اء?? هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سمورين هدايتن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي ??اء?? ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٽيڪس روينيو ڪليڪشن سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي کاڻين جي کوٽائي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي ??اء?? کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا ضلعي ۾ کاڻين جي کوٽائي جي ??اء?? ريسڪيو 1122 جو خصوصي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ موٽرويز، قومي ۽ صوبائي رستن تي سفر محفوظ بڻائڻ جي ??اء?? گاڏين جي ٽيسٽنگ جو ٺوس نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي خلاف قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتظامي شفافيت وڌائڻ جي ??اء?? بلوچستان جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڊيٽا جي نادرا کان تصديق ڪئي پئي وڃي.