اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان يورپي يونين جي افغانستان ??ابت خصوصي ايلچي ٽامس نڪلسن ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??فيس موجب هن امن ۽ سلامتي جي صورتحال سميت علائقائي اڳڀرائي ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير فائديمند ۽ بامقصد تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ڳالهين واري عمل جي بهترين استعمال تي زور ڏنو.