اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين رمضان رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان رمضان جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪيون ??ين??يون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪيو ??ين??و. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ??ين??ا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان ه??ندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ??ين??و موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ??ين??ي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع تي ساڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان رمضان رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان ال??با??ڪ دوران سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ??ين??يون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو ??ين??و. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ??ين??يون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ??ين??ي.