اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته الحمدالله! اڄ ملڪ ۾ جمهوري عمل جاري آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا هئاسين ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، نگران حڪومت وقت سر چونڊون ڪرايون ۽ اڄ ملڪ ۾ نيون اسيمبليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??لياماني معاملن واري وزارت ۾ پنهنجي اعزاز ۾ منعقد الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نگران حڪومت جي دور ۾ پا??لياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ تعاون کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي شرڪت کانسواءِ جمهوريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اميد آهي نئين حڪومت عوام جي اميدن تي پورو لهندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پا??لياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان پا??ليامينٽ جي اجلاسن ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي، آئون پا??ليامينٽ جي ميمبرن ۽ سمورين سياسي پا??ٽين جا به ٿورا مڃان ٿو جن نگران حڪومت جي دور ۾ مون سان تعاون ڪيو. ان موقعي تي پا??لياماني معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري نگران دور ۾ پا??لياماني معاملن واري وزارت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو. تقريب جي آخر ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سڀني سان ملاقات ڪئي.