اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ال??عود جو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي وزير محمد ا??حا?? ڊار سندس استقبال ڪيو، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري دوران صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير ا??حا?? ڊار ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان ال??عود خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اجلاس ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪندا.