رياض – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصاد?? فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي رخصت ڪيو. عالمي اقتصاد?? فورم جي موقعي ??ي وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراع??م شهزاده محمد بن سلمان آل سعود، ڪويت جي امير شيخ مش??ل الاحمد الجابر الصباح، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، سعودي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان پڻ انتهائي اهميت رکندڙ هو.