بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي ناڻي واري ??زير لان فوآن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي ناڻي واري ??زير پاڪ چين مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شع??ن ۾ تعاون کي ساراهيندي ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو مظهر قرار ڏنو. هن خاص طور تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ڏس ۾ مالي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني ناڻي واري ??زير پاڪستان جي معيشت جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ مالي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ چين جي پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مالياتي ۽ بئنڪنگ جي شع??ن ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ نائب وزيراعظم جي تعاون کي پڻ ساراهيو. ملاقات ??ور??ن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ گورننس، روينيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني تي پاڪستان حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا جو ذڪر ڪيو. هن چين مان سيڙپڪاري کي پاڪستان جي ترجيح طور تي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ان مقصد جي لاءِ جن ترجيحي شع??ن جي نشاندهي ڪئي وئي انهن ۾ زراعت، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي جا شع??ا شامل آهن.