اس??ام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر عبدالرحيم سميت ٻين دهشتگردن کي مارڻ تي پاڪ فوج ۽ خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن سان بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي سپاهي محمد ادريس، سپا??ي بادام گل، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ خيبرپختونخواهه جي سب ان??پيڪٽر تاج مير شاهه ۽ اسسٽنٽ سب ان??پيڪٽر محمد اڪ??م جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي. وزيراعظم شهيدن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ سرزمين جي بهادر فرزندن دهشتگردن کي ماريندي پنهنجي جان ملڪ جي مٽيءَ تي نڇاور ڪئي، پوري قوم شهيدن جي لازوال قربانين کي س??ام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.