اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاسڪو جي نجڪ??ري جي حوال?? سان حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کڻڻ، ڪڻڪ و??ري بورڊ ۾ آبادگارن، لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق و??ري وزارت ۽ پاسڪو بابت اجلاس دوران ڏني. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق و??ري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ويٽ (Wheat) ڪڻڪ بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ ڪڻڪ بابت بورڊ ۾ آبادگارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. هن ويٽ بورڊ ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم ۽ اسپارڪو جي نمائندن کي شامل ڪرڻ ۽ پاسڪو جي نجڪ??ري جي حوال?? سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته وفاقي حڪومت جي ڪڻڪ جي خريد??ري جي حوال?? سان متبادل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان حوال?? سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي ويٽ بورڊ جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ٽي او آرز، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ ۽ پاسڪو ۾ سڌارن جي حوال?? سان به بريفنگ ڏني وئي.