اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف اس??ام آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصوبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي وا??ي وزارت کي هدايت ڪئي ته هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته اس??ام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وز??راعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ت??ميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي جلد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي، ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محنت ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي وا??ي وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪن. وز??راعظم چيو ته اس??ام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وز??راعظم چيو ته ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وز??راعظم نئين منصوبي لاءِ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وز??راعظم کي اس??ام آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وز??ر عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه به وز??راعظم سان گڏ هئي.