اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي ??وڪٿام جي لاءِ جامع منصوبو جلد تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ روڪڻ جي لاءِ جامع منصوبو ترجيحي بنيادن تي تيار ڪرڻو پوندو، ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪري، عالمي معيار موجب نيڪاسي ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي موثر انتظام جو نظام ٺاهڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري جي ??دارت ۾ ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ جي ????ال?? سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪراچي ۾ زمين هيٺ سرنگن جي ??ري??ي ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، ڪراچي ۽ ان جي ??امونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائن، دنيا جي ٻين ميٽرو پوليٽن شهرن جي ??رابر آڻڻ جي ??رورت آهي، سرنگن جي ??جويز ڪيل منصوبي جا نمايان ماحولياتي اثر پوندا، سنڌ حڪومت عالمي ڊونرز کان سرنگن جي ??جويز ڪيل منصوبي جي لاءِ ماحولياتي فنانسنگ حاصل ڪرڻ تي غور ڪري. هن چيو ته آلوده پاڻي صاف ڪرڻ جي نظام جي ??عمير سان بلوچستان کي به زراعت جي لاءِ پاڻي ملندو، صاف پاڻي جي نظام جي ??عمير سان ماهيگيري جي ??عبي کي به فروغ ملندو، حيدرآباد شهر کي به شهري ٻوڏ ۽ ن??ڪاسي جا مسئلا درپيش آهن، ترجيحي طور تي حل ڪرڻ جي ??رورت آهي، اجلاس ۾ صدر کي عالمي پاڻي ۽ سيوريج مئنيجمينٽ ماهرن پاران جامع بريفنگ ڏني وئي. ماهرن ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ ۽ ن??ڪاسي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. ماهرن واشنگٽن، لنڊن ۽ سنگاپور جي ??مين هيٺ سرنگن جي نيڪاسي جي نظام تي پڻ روشني وڌي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي هائي فلڊ زونز ۾ موجود رستن جي هيٺ ننڍي ۽ وڏي سيوريج سرنگن جو ڄار وڇائي سگهجي ٿو، جديد ٽيڪنالاجي ??ي ٻڌل زمين هيٺ سرنگن سان عوام، ٽريفڪ ۽ زمين جي ملڪيت جي ????ال?? سان پريشاني نه ٿيندي، ڪراچي ۾ اٽڪل 450 ملين گيلن ڏهاڙي نيڪاسي جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ برسات جو پاڻي ننڍي ۽ وڏي کليل نالن ۾ گڏ ٿئي ٿو، نيڪاسي ۽ ٻوڏ وارو پاڻي بنا ٽريٽمينٽ سمنڊ ۾ ڇڏڻ سان سامونڊي ماحولياتي نظام گدلو ٿئي ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جي نالن جي موجوده نيٽ ورڪ جي ??لاحيت محدود آهي، نالن جو موجوده ڄار عام حالتن ۾ اٽڪل 50 سيڪڙو برسات جي پاڻي کي جذب ڪري ٿو، ڪراچي جي ??سٽم پاران اضافي پاڻي جذب نه ٿيڻ سان شهري ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اجلاس ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، سنڌ جي ??لديات وارو وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، ??ينيئر سرڪاري آفيسر، مقامي ۽ عالمي پاڻي جي ??نتظام جا ماهر پڻ شريڪ هئا.