لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ علامه طاهر محمود اشرفي چي?? آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ت?? والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو، سموري پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ آهي، يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته ان حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز، تقريبون، ڪانفرنسون ۽ واڪس منعقد ڪيون وينديون. هن چي?? ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ت?? ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني قدم کنيو. ڀارت ڪشميرين جو استحصال ڪندي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي، گڏيل قومن جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ڪشميرين جي حقن تي غيرقانوني قبضو ڪيو، ان ڪري اڄ 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. هن چي?? ته ڪشمير مسئلو مسلم امت جو اهم مسئلو آهي، جنهن ۾ بيگناهه مسلمانن جو رت وهي رهيو آهي. ڪشمير دنيا جي هڪ اهڙي جيل آهي، جنهن جو آواز کي نه پيو اچي. هن چي?? ته پاڪستاني ڪشميرين جي حق جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر افسوس ان ڳالهه تي آهي ته ڀارت ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مد?? نه ڪري رهيا آهن، سڄي پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي.