رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙ??لن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ گهرو ??عاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پ??جا?? ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پ??جا?? نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، ??وا??ن، عوام ۽ شهيدن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙ??لن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس اهلڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 3 ??وا?? به شامل هئا، پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي ڏني، جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو ??زير مح??ن نقوي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس ??وا??ن جي طبيعت پڇي. گهرو ??زير مح??ن نقوي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙ??لن جي خاتمي لاءِ پ??جا?? حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس ??وا??ن جي شهادت پاڪستان لاءِ سانحو آهي، ان مڪروه فعل ۾ ملوث ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي اعليٰ اعزازن سان نوازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.