ا??لا?? آباد–24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشين ۾ پوليس لائنز ويجهو ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي، معصوم ٻارڙن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ڪندي شهيدن جي بلند درجن ?? زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئ??.وزير اعظم انتظاميا کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ملوث ڌرين کي انهن جي انجام تائين پهچايو و??ندو. هن چيو ته معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ انسا?? نه آهن، ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.