اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي، متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شري?? سان متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاق?? وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي. وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي پاليسين جي ڪري مهانگائي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ ت?? وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيراعظم کي ڪاروبار دوست پاليسين ۽ برآمدي صنعت جي ترقي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. وفد وزيراعظم کي معيشت جي ترقي جي لاءِ تجو??زو?? ۽ ملڪي معاشي مرڪزن خاص طور تي ڪراچي جي ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ تجو??زو?? پيش ڪيون. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ سيد امين الحق شامل هئا. ان موقعي ت?? وزيراعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، اتحادي پارٽين جي تعاون سان ملڪي ترقي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ڪراچي جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ملاقات ۾ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ٻين شهري علائقن جي مسئلن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير محمد اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.